SexySexy
حيدرآباد جي ڌرتي تي14سالن کان اولاد جي سڪ۾ تڙپندڙ ماء جڏھن اميند سان ٿي تہ ھزار تمنائون سيني ۾ سانڍيندي رھي ھن ماء جي فرض پورو ڪرڻ ڪائي ڪثر نہ ڇڏي ھئي 14 سالن کان پوء ايندڙ مھمان لاء سيڪڙو ڪپڙن جا وڳا ۽ مختلف خوبصوت نالن جي سليڪشن ڪندي رھندي ھئ 9 مھينن جو صفر 9 سالن کان بہ وڌيڪ تحويل ڊگھو ٿي ويو ھو آخر انتظار جون گھڙيون ختم ٿيڻ تي پھتيون بس جيجل جي اکڙين کي ان مھمان کي ڏسڻ جو انتظار ھيو جيڪو 14 سالن بعد اچي پيو
جڏھن ھاسپيٽل جي بيڊ تي ستل ان ديوي پنھنجي امڙ سس ۽ ڀينرن کي نئين ايندڙ ان مھمان جي پارت ڪندي اھي لفظ چيا امان مان تہ بي ھوش ھوندس جيستائين مان ھوش ۾ نہ اچان منھنجي مھمان جي پارت اٿوَ ان کي روئڻ نہ ڏجو
ان لفظن کان پوء آپريشن ٿيٽر آندو ويو آھستي آھستي ھن ديوي جون اکيون بند ٿينديو ويون
ان کي تہ اھا به خبر ڪونہ ھئي ته 14 سالن کان جنھن نئين مھمان کي ڏسڻ جي تڙپ سيني ۾ سانڍي رکي ان کي ڏسڻ تہ بعد جي ڳالھ ھئي پر پنھنجون بند ٿيندڙ اکڙيون ٻيھر کلنديون بہ الاء نہ ڪجھ ئي دير ۾ جڏھن نئين مھمان ھن دنيا ۾ اک کولي تہ ان ئي مھل ان ديوي جون اکڙيون ھميشه لاء بند ٿي ويون 14 سال جنھن جو انتظار ھيو اھو تہ آيو پر اھي اکڙيون ھميشه لاء بند ٿي ويون جن ۾ تڙپ ھئي
قدرت جي ان عجب منظر کي جڏھن ڊاڪٽر ڏٺو تہ ھو بہ پنھنجي اکين کي روئڻ کان روڪي نہ سگھيو
۽ روئيندي رب پاڪ کي اھي لفظ چيائين اي خدا 40 سال جيئڻ ڏنئيس اگر 20 منٽ وڌيڪ زندگي ڏينس ھان
پر ھو تہ بي پرواه بادشاھ آھي ۽ انجي رضا تي راضي رھڻ ئي مومئن جي نشاني آھي.

Comments
Post a Comment